- Advertisement -
اوڏيري لال ڀرسان نصيرواهه مان ناري جو ڦاهو کاڌل لاش هٿ آيو، پوليس قتل جو شڪ ظاهر ڪيو آهي.
روهڙي ڪئنال مان نڪرندڙ نصير واهه مان ناري جو لاش مليو.
اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ناري جو لاش کڻائي رورل هيلٿ سينٽر پهچايو.
پوليس موجب شڪ آهي ته ناري کي ڦاهو ڏئي قتل ڪرڻ بعد سندس لاش نصيرواهه ۾ اڇلايو ويو آهي.
ناري جي سڃاڻپ نه ٿيڻ تي قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ کانپوءِ لاش ايڌي سينٽر حيدرآباد جي حوالي ڪيو ويو.- Advertisement -
