- Advertisement -
ايران، پاڪ افغان ڇڪتاڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڇڪتاڻ جي فوري خاتمي تي زور ڀريو آهي.
ايراني ميڊيا موجب، ايراني صدر مسعود پزشڪيان جو چوڻ آهي ته ٻن اسلامي ملڪن پاڪستان ۽ افغانستان جي سرحد تي ڇڪتاڻ خطي جي امن ۽ استحڪام لاءِ خطرو آهي.
سندس چوڻ هو ته ايران، پاڪ افغان ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪندو.
ايراني صدر مسعود پزشڪيان چيو ته افغان طالبان ۽ پاڪستان ٻئي صبر جو مظاهرو ڪن، هن وقت خطي کي پهريان کان وڌيڪ سڪون، ڀائيچاري ۽ سهڪار جي ضرورت آهي.- Advertisement -
