ايراني اختيارين مختلف صوبن ۾ ڪارروايون ڪري داعش جي 14 دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو

spot_img
ايراني اختيارين مختلف صوبن ۾ ڪارروايون ڪري داعش جي 14 دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو. ايراني ميڊيا موجب تهران، البرز، فارس ۽ خوزستان صوبن مان داعش سان تعلق رکندڙ دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو. پرڏيهي خابرو اداري موجب داعش خراسان سان تعلق رکندڙ 7 دهشتگردن کي فارس ۽ ٻين 7 دهشتگردن کي ٻين ٽن صوبن مان گرفتار ڪيو ويو آهي. خبر ۾ ايراني وزارت انٽيليجنس جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته داعش خراسان جا دهشتگرد حملي جي ارادي سان ڪجهه ڏينهن اڳ ايران ۾ داخل ٿيا هئا. خابرو اداري موجب اختيارين جو چوڻ آهي ته جاچ بابت وڌيڪ تفصيل بعد ۾ جاري ڪيا ويندا.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9.9 ° C
9.9 °
9.9 °
24%
1.9m/s
0%
خميس
10 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °
سُومر
17 °

تازه ترين خبرون