- Advertisement -
پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته ايران-اسرائيل ڇڪتاڻ ختم نه ٿي ته ٽين عالمي جنگ جو خطرو آهي.
سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ ايم اين اي خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته اسرائيل پنهنجي ڏاڍ کان نٿو مڙي، اسرائيلي جارحيت سبب 35 هزار معصوم فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن.
هن چيو ته اسپتالن تي بمباري ڪئي پئي وڃي ان کي بند ڪيو وڃي، ايران-اسرائيل ڇڪتاڻ ختم نه ٿي ته ٽين عالمي جنگ جو خطرو ٿي سگهي ٿو.
خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ لاءِ پاڪستان پنهنجو ڪردار ادا ڪندو.
پ پ اڳواڻ جو چوڻ هو ته نگران حڪومت 3 مهينن بدران 6 مهينا هلي جنهن ڪيترائي معاملا خراب ڪري ڇڏيا.
خورشيد شاهه چيو ته ڪچي ۾ ڌاڙيلن وٽ جديد هٿيار آهن، ڪوشش آهي ته پوليس کي به جديد هٿيار ڏياريون، جيئن پوليس ڌاڙيلن جو مقابلي ڪري سگهي.- Advertisement -
