- Advertisement -
آصفه ڀٽو زرداري جي قومي اسيمبلي ۾ بنا مقابلي ڪاميابي واري نوٽيفڪيشن کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي.
نوابشاهه جي تڪ 207 تان اميدوار غلام مصطفيٰ رند آصفه ڀٽو جي ڪاميابي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو .
درخواست پي ٽي آءِ جي وڪيل ايڊووڪيٽ وهاب بلوچ ذريعي عدالت ۾ داخل ڪرائي وئي.
اميدوار غلام مصطفيٰ رند پاران درخواست ۾ آصفه ڀٽو زرداري ۽ اليڪشن ڪميشن کي ڌر بڻايو ويو آهي.
درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 22 اپريل تائين ڪامياب ٿيڻ ۽ کٽڻ جو فيصلو ڪرڻ غير قانوني آهي.
عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي درخواستگذار جي وڪيل وهاب بلوچ آصفه ڀٽو زرداري جي ڪاميابي واري نوٽيفڪيشن کي چئلينج ڪيو ويو آھي.
اميدوار غلام مصطفي رند جو چوڻ هو ته منھنجي فارم کي ڪوڙي بل ذريعي رد ڪيو ويو ھو، رڪارڊ عدالت ۾ پيش ڪيو آھي، اميد ته فارم بحال ٿيندو ۽ اين اي 207 تي ٻيھر اليڪشن ٿيندي.- Advertisement -
