لبنان جي مزاحمتي تنظيم حزب الله جو سربراهه حسن نصرالله حماس اڳواڻ جي قتل جو بدلو وٺڻ جو اعلان

- Advertisement -
لبنان جي مزاحمتي تنظيم حزب الله جي سربراهه حسن نصرالله حماس اڳواڻ جي قتل جو بدلو وٺڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته اسرائيل کي صالح العاروري جي قتل جي سزا ڏني ويندي. جنرل سليماني جي شهادت جي چوٿين ورسي جي موقعي تي پنهنجي خطاب ۾ حسن نصرالله جو چوڻ هو ته جيڪڏهن اسرائيل لبنان خلاف جنگ شروع ڪئي ته سندن محدود جنگ جو دائرو ختم ٿي ويندو، سندن جنگ جي ڪا حد ۽ ڪو اصول نه هوندو. هن چيو ته غزا جي جنگ سان اسرائيل جي طاقت جو برهم ٽٽي ويو آهي ۽ اسرائيل جي وجود کي خطرو بڻجي ويو آهي. حسن نصر الله ايران ۾ جنرل سليماني جي شهادت جي چوٿين ورسي جي موقعي تي قبرستان ۾ ڌماڪن جي به مذمت ڪئي. ٻئي پاسي غزا جي صورتحال ۽ اسرائيل سان جنگبندي جي حوالي سان ڳالهين بابت حماس اڳواڻ اسماعيل هنيه جو چوڻ آهي ته غزا ۽ ويسٽ بئنڪ ۾ فلسطيني حڪومت جي قيام تي ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي پر يرغمالين جي آزاديءَ مڪمل جنگبندي کان پوءِ ئي ٿيندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.4 ° C
21.4 °
21.4 °
54%
2.4m/s
0%
اربع
31 °
خميس
25 °
جمعو
25 °
ڇنڇر
28 °
آچر
26 °

تازه ترين خبرون