- Advertisement -
ايران طرفان اسرائيل تي امڪاني حملي ۾ روس پنهنجي سهڪار جي خاطري ڪرائي ڇڏي.
پرڏيهي خابرو ايجنسي موجب روس جي سلامتي ڪائونسل جو سيڪريٽري سرگئي شوئيگو تهران پهچي ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب روس جي سلامتي ڪائونسل جي سيڪريٽري سرگئي شوئيگو ايران جي سپريم نيشنل سيڪورٽي ڪائونسل جي سڪريٽري ڪمانڊر ريئر ايڊمرل علي اڪبر سان ملاقات ڪئي جنهن دوران هن اسرائيل تي حملي ۾ پنهنجي سهڪار جي خاطري ڪرائي.
پرڏيهي ميڊيا موجب سرگئي شوئيگو تهران ۾ ايراني صدر مسعود پزشڪيان، سپريم قومي سلامتي ڪائونسل جي سيڪريٽري ۽ جنرل اسٽاف جي سربراهه سان به ملاقاتون ڪندو.
واضع رهي ته سرگئي شوئيگو مئي ۾ سلامتي ڪائونسل ۾ منتقل ٿيڻ کان اڳ روس جو بچاءَ وارو وزير هو….- Advertisement -
