- Advertisement -
سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر ۽ جي ڊي اي مرڪزي اڳواڻ زين شاهه چونڊ نتيجن کي رد ڪندي سخت احتجاج ۽ ٽربيونل ۾ وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
جاري ڪيل بيان ۾ سيد زين شاهه چيو ته هو جعلي، ڌانڌلي ۽ فراڊ تي ٻڌل اليڪشن کي رد ڪن ٿا، موبائل سروس بند ڪري ڌانڌلي ڪئي وئي.
سندس چوڻ هو ته ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسرن ۽ پرزائيڊنگ آفيسرن جي سهڪار سان قومي توڙي صوبائي اسيمبليءَ جي تڪن ۾ ڌانڌلي ڪئي وئي، بيلٽ پيپر ورهايا ويا.
سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر ۽ جي ڊي اي مرڪزي اڳواڻ زين شاهه چيو ت قومي اسيمبليءَ جي تڪ اين اي 208، پي ايس 38 ۽ 39 تي مخالفن سندن ايجنٽن کي پولنگ اسٽيشن پهچڻ کان پهريان اغوا ڪيو ۽ اليڪشن بعد آزاد ڪيو ويو.
هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جو عملو ۽ پيپلز پارٽيءَ جا ماڻهو بيلٽ پيپرن تي ٺپا هڻي رهيا هئا، عوامي مينڊيٽ کي چوري ڪيو ويو.
سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر ۽ جي ڊي اي مرڪزي اڳواڻ زين شاهه چيو ته هو هن فراڊ اليڪشن خلاف سخت احتجاج ڪندا ۽ ٽربيونل به ويندا، 334 مان 140 پولنگ اسٽيشنن جو عملو آخري ڏينهن پ پ جي فرمائش تي تبديلي ڪيو ويو، پوليس ۽ ٻيا پيپلزپارٽي جا مددگار بڻيل هئا.- Advertisement -
