تازه ترين

ايس يو پي صدر ۽ جي ڊي اي جي مرڪزي اڳواڻ زين شاهه چونڊ نتيجن کي رد ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر ۽ جي ڊي اي مرڪزي اڳواڻ زين شاهه چونڊ نتيجن کي رد ڪندي سخت احتجاج ۽ ٽربيونل ۾ وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. جاري ڪيل بيان ۾ سيد زين شاهه چيو ته هو جعلي، ڌانڌلي ۽ فراڊ تي ٻڌل اليڪشن کي رد ڪن ٿا، موبائل سروس بند ڪري ڌانڌلي ڪئي وئي. سندس چوڻ هو ته ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسرن ۽ پرزائيڊنگ آفيسرن جي سهڪار سان قومي توڙي صوبائي اسيمبليءَ جي تڪن ۾ ڌانڌلي ڪئي وئي، بيلٽ پيپر ورهايا ويا. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر ۽ جي ڊي اي مرڪزي اڳواڻ زين شاهه چيو ت قومي اسيمبليءَ جي تڪ اين اي 208، پي ايس 38 ۽  39 تي مخالفن سندن ايجنٽن کي پولنگ اسٽيشن پهچڻ کان پهريان اغوا ڪيو ۽ اليڪشن بعد آزاد ڪيو ويو. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جو عملو ۽ پيپلز پارٽيءَ جا ماڻهو بيلٽ پيپرن تي ٺپا هڻي رهيا هئا، عوامي مينڊيٽ کي چوري ڪيو ويو. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر ۽ جي ڊي اي مرڪزي اڳواڻ زين شاهه چيو ته هو هن فراڊ اليڪشن خلاف سخت احتجاج ڪندا ۽ ٽربيونل به ويندا، 334 مان 140 پولنگ اسٽيشنن جو عملو آخري ڏينهن پ پ جي فرمائش تي تبديلي ڪيو ويو، پوليس ۽ ٻيا پيپلزپارٽي جا مددگار بڻيل هئا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
29.6 ° C
29.6 °
29.6 °
33 %
3.4kmh
0 %
اڱارو
28 °
اربع
33 °
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
35 °

تازه ترين خبرون