- Advertisement -
حڪومت پي ٽي آءِ باني جي ايڪس اڪائونٽ تان شيخ مجيب الرحمان جي تڪراري وڊيو اپ لوڊ ڪرڻ جي جاچ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ايف آءِ اي جي سائبر ونگ پي ٽي آءِ بانيءَ خلاف انڪوائري ڪندي.
سائبر ونگ طرفان جاري نوٽيفڪيشن موجب انڪوائري جو فيصلو گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ بانيءَ جي آفيشل ايڪس هينڊل تان شيخ مجيب جي پروپيگنڊا وڊيو اپلوڊ ڪرڻ تي ڪيو ويو.
نوٽيفڪيشن موجب 26 مئي تي پي ٽي آءِ باني جي ايڪس هينڊل تان شيخ مجيب الرحمان جي نالي تي وڊيو پوسٽ ڪئي وئي.
جاري ڪيل نوٽيفڪيش موجب پي ٽي آءِ باني اڊيالا جيل ۾ آهي، سندس آفيشل هينڊل پروپيگنڊا وڊيو اپلوڊ لاءِ استعمال ڪيو ويو.
ايف آءِ اي سائبر ونگ پي ٽي آءِ جي چئن ماڻهن سان ان معاملي تي ڳالهيون ڪندي ۽ ان ڳالهه جو پتو لڳائيندي ته وڊيو ٽوئٽ پي ٽي آءِ بانيءَ پاڻ يا سندس اجازت سان اپلوڊ ڪئي وئي؟
نوٽيفڪيشن موجب اهو به ڏٺو ويندو ته پاڪستان مخالف پروپيگنڊا ڪنهن ٺاهيو ۽ ڪنهن هلايو، اڪائونٽ هولڊر طرفان اهڙو ڪيو ويو آهي ته ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
اڪائونٽ هولڊر ٽوئٽ نه ڪيو ته کيس پنهنجو ايڪس اڪائونٽ غير قانوني استعمال تي بند ڪرڻ جي درخواست ڏيڻي پوندي- Advertisement -
