- Advertisement -
هالينڊ ايئرپورٽ تي هڪ شخص جهاز جي انجڻ ۾ ڪري فوت ٿي ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب واقعو هالينڊ جي راڄڌاني ايمسٽرڊيم جي شيفول ايئرپورٽ تي پيش آيو، جنهن سبب هڪ شخص حياتي وڃائي ويٺو.
ايئرپورٽ انتظاميه موجب ايئرپورٽ تي مسافر جهاز ايمسٽرڊيم کان ڊينمارڪ ڏانهن اڏام لاءِ تيار هو ته هڪ شخص هلندي هلندي جهاز جي انجڻ ۾ ڪري پيو جنهن سبب افسوسناڪ واقعو پيش آيو.
رپورٽ موجب انتظاميه فوتي شخص جي سڃاڻپ ٻڌائڻ کان پاسو ڪندي چيو ته جهاز ۾ سوار مسافرن کي باحفاظت ڪڍيو ويو آهي.
ايئرپورٽ انتظاميه جو وڌيڪ چوڻ هو ته هي هڪ مصروف ترين ايئرپورٽ آهي، گذريل مهيني ۾ 55 لک کان وڌيڪ مسافرن کي سهولتون مهيا ڪيون ويون آهن ۽ اهڙا واقعه تمام گهٽ ٿيندا آهن.
ميڊيا رپورٽس موجب اڃا تائين واضح ناهي ٿيو ته واقعو ڪيئن پيش آيو.- Advertisement -
