- Advertisement -
ايم ڪيو ايم پاڪستان نيب قانون ۾ ڪجهه ترميمن کي نامناسب قرار ڏنو آهي.
ايم ڪيو ايم طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو هت نيب ڪنهن جوابدارن کي چوڏهن ڏينهن تائين تحويل ۾ رکڻ واري حق کي 40 ڏينهن ڪرڻ ڪنهن به صورت بهتر ثابت نه ٿيندو.
بيان ۾ چيو ويو ته بدديانتي سان ڪنهن فرد خلاف ڪيس ٺاهيندڙ اهلڪار جي سزا پنجن ورهين مان گهٽ ڪري 2 سال ڪرڻ به سمجهه کان ٻاهر آهي.
ايم ڪيو ايم پاڪستان موجب نيب قانونن ۽ ان جي غلط استعمال سبب ملڪي معيشت توڙي سياست کي اڳ ئي گهڻو نقصان پهچي چڪو آهي، ان قانون ۾ ترميمن کي انتهائي سنجيدگيءَ سان ڏسڻ جي ضرورت آهي.- Advertisement -
