- Advertisement -
نواز شريف مسلم ليگ نون جي صدارت سنڀاليندي ئي متحرڪ ٿي ويو، اڄ جاتي امرا ۾ بجيٽ تي مشاورتي اجلاس سڏائي ورتو.
پارٽي ذريعن موجب، اجلاس ۾ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ تجويزون ورتيون وينديون، اجلاس جي صدارت وزيراعظم شهباز شريف ۽ پارٽي صدر نواز شريف گڏيل طور تي ڪندا.
اجلاس ۾ معاشي ٽيم ۽ پنجاب حڪومت کي عوام کي بجيٽ ۾ رليف ڏيُن جون تجويزون گڏ آڻڻ جي هدايت ڪئي وئي جڏهن ته وزيراعلى پنجاب مريم نواز کي به اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي.
اجلاس ۾ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ تجويزن جو جائزو ورتو ويندو جڏهن ته معاشي ٽيم وزيراعظم کي تفصيلي بريفنگ ڏني ويندي.
ذريعن موجب وزيراعظم نواز شريف ۽ ن ليگ جو صدر نواز شريف حڪومت معاشي ٽيم کي بجيٽ بابت اهم هدايتون جاري ڪندا.
اجلاس ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، پيٽروليم وارو وزير مصدق ملڪ ۽ پاڻي ۽ بجلي وارو وزير اويس لغاري شرڪت ڪندا جڏهن ته واپاري ڄام ڪمال، راڻا تنوير حسين ۽ احد چيمه به شريڪ ٿيندا.
ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته اجلاس ۾ بجيٽ ۾ مهانگائي ۾ گھٽتائي ۽ عوام کي رليف اهم ايجنڊا آهي.- Advertisement -
