قائد اعظم واضح ڪيو آهي ته ڪشمير کانسواءِ پاڪستان مڪمل ناهي، پاڪستان ۽ ڪشميري اڻٽٽ رشتي ۾ ڳنڍيل آهن: انوار الحق ڪاڪڙ

- Advertisement -
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته قائد اعظم واضح ڪيو آهي ته ڪشمير کانسواءِ پاڪستان مڪمل ناهي، پاڪستان ۽ ڪشميري اڻٽٽ رشتي ۾ ڳنڍيل آهن. نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ آزاد ڪشمير جي قانونساز اسيمبلي کي خطاب ڪندي چيو ته سندن دليون گڏجي ڌڙڪن ٿيون،  والاريل ڪشمير ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي تنهن کان لاتعلق نه ٿو رهي سگهجي، والاريل ڪشمير ۾ واحد دهشتگرد ڀارت آهي. هن چيو ته ڀارت ڪشميري عوام  جي خواهشن جي ابتڙ ڪو به هڪ طرفو قطعي حل نه ٿو مڙهي سگهي، ڪشمير سندن پرڏيهي پاليسي جي اهم ترين اوليتن ۾ شامل آهي. سندس چوڻ هو ته قائد اعظم محمد علي جناح قرار ڏنو هو ته ڪشمير کانسواءِ پاڪستان نامڪمل آهي اها رڳو دعويٰ نه پر حقيقت تي ٻڌل ڳالهه آهي. نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته جاگرافيائي قربت، گڏيل تاريخ ۽ عقيدو ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جو اهم عنصر آهن. هن چيو ته ڪشمير ڪاز لاءِ سندن عزم پختو آهي،  ڪشمير هميشه پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ۾ اهم رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته ملڪي معاشري جا اهم طبقا  ۽ عوام ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهن. نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته  پاڪستان تڪرار نه ٿو چاهي پر ڪنهن به حملي جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
13.2 ° C
13.2 °
13.2 °
31%
1.4m/s
1%
اڱارو
13 °
اربع
22 °
خميس
22 °
جمعو
22 °
ڇنڇر
22 °

تازه ترين خبرون