- Advertisement -
سنڌ حڪومت، اينٽي ڪرپشن جي ويجهي دوست ۽ڊائريڪٽر جي ملي ڀڳت سان اينٽي ڪرپشن کاتي ۾هلندڙ ڪرپشن سسٽم بابت خط لکندڙ چيئرمين اينٽي ڪرپشن فرحت علي جوڻيجي کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو.
عهدي تان هٽائڻ بعد پوليس سروس آف پاڪستان جي 21 گريڊ جي آفيسر اينٽي ڪرپشن جي چيئرمين فرحت جوڻيجو کي سروسز کاتي ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
فرحت جوڻيجو اينٽي ڪرپشن واري وزير محمد بخش مهر کي لکيل خط ۾ چيو ته کيس ڪرپشن جي حصي طور هڪ لفافو ڏنو ويو، جيڪو واپس ڪيو ويو.
اڳوڻي چيئرمين فرحت جوڻيجي جو چوڻ آهي ته شهريار مهر نالي هڪ خانگي ماڻهو اينٽي ڪرپشن کاتي کي هلائي رهيو آهي.
پنهنجي خط ۾ هن لکيو ته اينٽي ڪرپشن کاتو مختلف کاتن کان هر مهيني 6 کان 7 ڪروڙ رپيا رشوت وٺي رهيو آهي، ڊپٽي ڊائريڪٽر کان 15 لک ۽ سرڪل آفيسر کان 10 لک رپيا رشوت ورتي پئي وڃي.
فرحت جوڻيجي وڌيڪ لکيو ته اينٽي ڪرپشن کي نيلام گهر وانگر هلايو پيو وڃي.
ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آهي ته خانگي شخص صوبائي وزير محمد بخش مهر جو ويجهو ساٿي آهي……- Advertisement -
