- Advertisement -
آمريڪي صدر اسرائيل-حماس جنگبندي جو هڪ نئون مبصوبو پيش ڪندي حماس کان ان کي قبول ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
آمريڪي صدر چيو ته تڪرار ختم ڪرڻ جو اهو بهترين طريقو آهي، تجويز ڪيل منصوبو ٽن مرحلن تي ٻڌل آهي.
آمريڪي صدر موجب پهريون مرحلو 6 هفتن جي شروعاتي جنگبندي آهي، جنهن دوران غزه مان اسرائيلي فوجون واپس وينديون، اسرائيلي يرغمالي ۽ سوين فلسطيني قيدين کي آزاد ڪيو ويندو.
امريڪي صدر چيو ته منصوبي تحت فلسطيني شهري به غزه واپس ايندا ۽ هر روز 600 امدادي ٽرڪون غزه پهچنديون.
سندس چوڻ آهي ته ٻئي مرحلي ۾ حماس ۽ اسرائيل جنگ جي مستقل خاتمي جي شرطن تي ڳالهيون ڪندا.
آمريڪي صدر جو بائيڊن چيو ته جنگ بندي تيستائين قائم رهندي، جيستائين ڳالهيون جاري رهنديون جڏه ته ٽيون مرحلو غزه جي تعمير جو هوندو.
ٻئي پاسي حماس امريڪي صدر جي تجويزن کي مثبت قرار ڏنو آهي.- Advertisement -
