- Advertisement -
صحت جي صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو آهي ته سول اسپتال ۾ دوائن کي ڊيجيٽلائز ڪرڻ جو سسٽم شروع ڪيو ويو آهي، جيئن دوائون ٻاهر وڪرو نه ٿي سگهن، دوائن کي آسانيءَ سان ٽريس ڪري سگهبو.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو آهي ته جناح ۾ ميڊيڪل يونٽ ٺهي ويو آهي، ايمرجنسي بلاڪ ٺهي رهيو آهي، اسٽروڪ يونٽ به ٺاهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته اين آءِ سي وي ڊي ۾ ڳورهاري عورتن کي دل جو دورو پوڻ سبب فوتگيون ٿي رهيون هيون، ان لاءِ الڳ سان يونٽ قائم ڪيو آهي.
هن چيو ته بلديه سينٽر ۾ 825 مريضن جا پروسيجرز ٿي ويا آهن، مينٽل هيلٿ لاءِ اين جي او سان گڏجي هڪ پراجيڪٽ لاڙڪاڻي ۽ سکر ۾ شروع ڪيو آهي، ليڊي هيلٿ ورڪرز کي مينٽل هيلٿ ورڪرز جي ٽريننگ ڏني وئي آهي.
ڊاڪٽر عذرا پيچوهو جو چوڻ هو ته نوابشاهه ۾ بي آءِ يو ٽي جي نالي سان ايس آءِ يو ٽي کوليو آهي، ٽراما سينٽر ۾ هاڻي ويسڪيولر سرجري به ٿيندي.
سندس چوڻ هو ته لياري ميڊيڪل ڪاليج ۾ پراڻي اسڪيم مڪمل ٿيندي، روبوٽڪل سرجري به ڪرائي، صحت کاتي ۾ ڪوالٽي ڪنٽرول طورڊ کي فنڪشنل ڪري ڇڏيو.
سندس چوڻ هو ته ايم ڊي ڪيٽ جي پاليسي ٺاهي وئي آهي، بي ايس اين نرسنگ لاءِ ايوننگ پروگرام به متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي.
هن چيو ته ٻار جي صحت سان گڏوگڏ ماءُ جي صحت به تمام ضروري آهي، مان جي صحت جي حوالي سان هن سال صحت کاتي تمام بهترين ڪم ڪيو.
ڊاڪٽر عذرا پيچوهو جو چوڻ هو ته جيڪڏهن والدين چاهين ٿا ته ٻار صحتمند پيدا ٿين ته ٻارن جي پيدائش ۾ وقفو ڪن.
سندس چوڻ هو ته جناح ۽ سول اسپتال مٿان گهڻو بار آهن تنهن لاءِ گلشن حديد، ڪمال خان ڳوٺ، انچولي، سعودآباد، رزاق آباد ۾ ننڍا اسپتال ٺاهي رهيا آهيون.
ڊاڪٽر عذرا پيچوهو جو چوڻ هو ته ڳڙهي خدا بخش ۾ به مريضن جي سهولت لاءِ اسپتال ٺاهي پئي وڃي.
هن چيو ته پي پي ايڇ آءِ کي وڌيڪ ڏيڍ سئو سهولتون ڏنيون پيون وڃن.
سندس چوڻ هو ته سرڪاري ڀرتين ۾ وقت لڳندو آهي، اسان چاهيون ٿا ته ڪمپني ذريعي اهو اسٽاف هائر ۽ فائر ڪري سگهجي ٿو.
- Advertisement -
