- Advertisement -
ملير جي علائقي ميمڻ ڳوٺ ۾ ميڊيڪل سينٽر تان ڦر دوران ڊاڪٽرياڻي جي رڙين تي هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، ڦورن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ سندن ساٿي مارجي ويو.
هڪ ڪار ۾ سوار هٿياربندن گوهر ميڊيڪل سينٽر اندر داخل ٿي پسٽل ڪڍيو ته ليڊي ڊاڪٽر رڙيون ڪيون ته جوابدارن طرفان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
ڪار ۾ موجود ڦورن فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ سندن هڪ ساٿي گوليون لڳڻ سبب مارجي ويو.
مارجي ويل ڦورو جي سڃاڻپ محمد عمر جي نالي سان ٿي آهي.
اطلاع تي پوليس پهچي مارجي ويل ڦورو جو لاش کڻائي ايمبولينس ذريعي اسپتال منتقل ڪيو……….
- Advertisement -
