- Advertisement -
ميرپور ماٿيلو ويجهو سکر ملتان موٽروي تي مسافر ڪوچ ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 3 مسافر فوت، جڏهن ته عورتن ۽ ٻارڙن سميت 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
سي پيڪ تي قاضي واهه وٽ پنجاب کان ڪراچي ويندڙ ڪوچ تيز رفتاري سبب ڪلٽي ٿي پئي.
حادثي جي نتيجي ۾ پنجاب واسي سجاد حسين، محمد آصف ۽ محمد حسين فوت ٿي ويا.
حادثي ۾ اعظم، ذوالفقار، رضا حسين، شهباز، عبدالخالق، ظريف، ارشد، مائي اُمَيه ۽ 8 ورھين جي محمد وقاص سميت 15 زخمي ٿي پيا.
حادثي بعد موٽروي ۽ سرحد پوليس زخمين ۽ فوتين جا لاش کڻائي مختلف اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيا.
زخمي مسافرن جو چوڻ هو ته ڪوچ پنجاب جي علائقي وِهاڙي کان ڪراچي وڃي رهي هئي ته ڊرائيور کي ننڊ اچڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي.
ٻئي طرف وڏي وزير مراد علي شاهه حادثي جو نوٽيس وٺندي قيمتي جانين جي ضايع ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.
هن هدايت ڪئي ته حادثي ۾ زخمي ٿيلن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.
وڏي وزير چيو ته حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جي وارثن جي ڀرپور نموني مدد ڪئي ويندي.- Advertisement -
