- Advertisement -
بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته اڄ اسلام آباد جي ڪورٽ ۾ آپگهاتي حملو ويڪ اپ ڪال آهي، جيڪو ياد ڏياري ٿو ته هي جنگ پوري پاڪستان جي آهي.
ايڪس تي بيان جاري ڪندي بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو ته اسلام آباد ضلعي ڪورٽ ۾ ٿيندڙ آپگهاتي ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا.
هن چيو ته اسلام آباد حملو پوري قوم جي لاءِ ويڪ اپ ڪال آهي، هو جنگ واري حالت ۾ آهن.
سندس چوڻ هو ته ماڻهو اهو سمجهن ٿا ته پاڪ فوج اها جنگ افغان-پاڪستان سرحدي علائقي ۽ بلوچستان جي پري وارن علائقن ۾ وڙهي رهي آهي ته اهي ننڊ مان جاڳن.
خواجه آصف چيو ته اڄ اسلام آباد جي ڪورٽ ۾ آپگهاتي حملو ويڪ اپ ڪال آهي، جيڪو ياد ڏياري ٿو ته هي جنگ پوري پاڪستان جي آهي.
هن چيو ته پاڪ فوج روزاني پنهنجون جانيون قربان ڪري رهي آهي ته جيئن عوام کي تحفظ ۽ اعتماد جو احساس ملي، موجوده حالتن ۾ ڪابل حڪمرانن مان ڪامياب ڳيلهين جي گهڻي اميد رکڻ جو فائدو ناهي.
سندس چوڻ هو ته ڪابل حڪمران پاڪستان ۾ دهشتگردي کي روڪي سگهن ٿا، اسلام آباد تائين دهشتگردي آڻڻ هڪ واضح پيغام آهي، جنهن جو پاڪستان ڀرپور جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو…….
- Advertisement -
