نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته اڄ تاريخي ڏينهن آهي، ميثاق جمهوريت جي اڻپوري ايجنڊا پوري ٿي وئي آهي.
سينيٽ اجلاس ۾ خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته هو سڀني کي ترميمون پاس ٿيڻ جو ڪريڊٽ ڏي ٿو.
هن چيو ته ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي اتفاق راءِ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي، سندن ڪوشش آهي ته عام ماڻهو کي جلد ۽ سستو انصاف ملي.
سندس چوڻ هو ته مولانا فضل الرحمان اتفاق راءِ جي پوري ڪوشش ڪئي، تحريڪ انصاف کي پنهنجو فيصلو ڪرڻ جو اختيار آهي.
نائب وزيراعظم چيو ته آئيني ترميمن جي منظوري تي هو سڀني کي مبارڪون ڏي ٿو، انشاءَ الله ترميمون قومي اسيمبلي مان به پاس ٿي وينديون.
اسحاق ڊار چيو ته پارليماني ڪاميٽي ۾ پي ٽي آءِ جي عامر ڏوگر به آئيني ترميمن جي متفقه منظوري ڏني هئي، آئيني ترميم ڪنهن جي ذاتي ايجنڊا ناهي، هڪ پارٽي ٻاهر رهجي وئي آهي، اهو کيس حق آهي.
