سينيٽ 26 هين آئيني ترميم جي سڀني 22 شقن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي

- Advertisement -
سينيٽ 26 هين آئيني ترميم جي سڀني 22 شقن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي صدارت هيٺ سينيٽ جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾بل جي شق وار ووٽنگ ۽ منظوري وارو عمل مڪمل ڪيو ويو. وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ 26 هين آئيني ترميم جو بل ووٽنگ لاءِ سينيٽ ۾ پيش ڪيو، ووٽنگ کان اڳ ايوان ۾ گهنٽيون وڄائي هال جا دروازا بند ڪيا ويا. ايوان ۾ سوالن جي وقفي ۽ معمول جي ايجنڊا واري رٿ منظور ڪئي وئي، جيڪا اسحاق ڊار پيش ڪئي هئي. سينيٽ اجلاس ۾ خطاب ڪندي قانون واري وزير، اعظم نذير تارڙ چيو ته آئيني ترميمن واري بل تي مخالف ڌر سميت سڀني پارٽين سان صلاح مشورا ڪيا ويا. هن وڌيڪ چيو ته 19 هين آئيني ترميم جلدبازي ۾ منظور ڪئي وئي هئي، جنهن آئين جو توازن کي بگاڙي ڇڏيو هو. سندس چوڻ هو ته 14 سال اعليٰ عدليا ۾ ججن جي مقرري هميشه تنقيد جو نشانو بڻجندي رهي. قانون واري وزير چيوته پاڪستان بار ڪائونسل سميت وڪيلن جي سڀني تنظيمن ججن جي مقرري واري عمل تي نظرثاني جو مطالبو ڪيو هو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.2 ° C
26.2 °
26.2 °
39%
3.2m/s
8%
اڱارو
26 °
اربع
32 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
29 °

تازه ترين خبرون