تازه ترين

اڊيالا جيل ٻاهران احتجاج ٿيو ته حڪومت پي ٽي آءِ باني جي ٻئي منتقلي بابت سوچي سگهي ٿي : راڻا ثناءُ الله

- Advertisement -
وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته اڊيالا جيل ٻاهران احتجاج ٿيو ته حڪومت پي ٽي آءِ باني جي ٻئي منتقلي بابت سوچي سگهي ٿي، تحريڪ انصاف پارٽي طور ۽ پي ٽي آءِ باني اداري تي سڌي ريت تنقيد ڪئي، اداري خلاف ڳالهين کي ماڻهو پسند نه ڪندا آهن، ڀارت دشمن ملڪ آهي پر پي ٽي آءِ باني واويلا ۾ سندن جو ساٿ ڏنو آهي. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته تحريڪ انصاف سان ڪي به ڳالهيون نٿيون ڪري سگهجن، ماضي ۾ پي ٽي آءِ سان ڳالهين جي ڪوشش ڪئي وئي پر تحريڪ انصاف باني جي موقف سبب ڊيڊ لاڪ جي صورتحال پيدا ٿي. سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف کي گهرجي ته اڊيالا جيل ٻاهران امن امان جي صورتحال کي خراب نه ڪري، جيڪڏهن اهو مستقل معمول بڻائيندا ته هر اڱاري ۽ خميس تي اڊيالا ڀرسان احتجاج ڪندا ته اهڙي صورت ۾ حڪومت پي ٽي آءِ باني جي ٻئي منتقلي بابت سوچي سگهي ٿي. وزيراعظم جي صلاحڪار چيو ته تحريڪ انصاف پارٽي طور ۽ پي ٽي آءِ باني 9 مئي ۽ پنهنجي بيانن کان لاتعلقي جو اظهار ڪندي معذرت ڪن، اهڙي صورت ۾ شايد ڪو رستو کلي جيڪڏهن باني پنهنجي بيانن تي قائم رهندو ته ڊيڊ لاڪ برقرار رهندي. راڻا ثناءُ الله چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي سوچ هميشه سياسي ۽ جمهوريت بابت واضح رهي آهي، بلاول هميشه ڀائيچاري جي ڳالهه ڪئي آهي، هو چاهن ٿا ته سمورين سياسي پارٽين سان ڳالهيون ٿين، ڊي جي آءِ ايس پي آر پاڻ چئي چڪو آهي ته سياسي پارٽيون پاڻ ۾ ڳالهيون ڪن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
28.2 ° C
28.2 °
28.2 °
34 %
4.7kmh
16 %
ڇنڇر
28 °
آچر
30 °
سُومر
29 °
اڱارو
30 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون