تازه ترين

يونيسيف ٻارن جي حقن، صحت، تعليم، تحفظ ۽ مستقبل لاءِ ڪم ڪري رهي آهي: وڏو وزير

- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ سرڪار يونيسيف سان سهڪار وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. يونيسيف جي 79هين سالگرهه تي جاري ڪيل پيغام ۾ مراد علي شاهه چيو ته يونيسيف سڄي دنيا ۾ ٻارن جي حقن، صحت، تعليم ۽ تحفظ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. سندس چوڻ هو ته يونيسيف جي سالگرهه کين ياد ڏياري ٿي ته دنيا جو هر ٻار قيمتي اثاثو آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پاڪستان 1947 ۾ قائم ٿيڻ کانپوءِ يونيسيف جو ميمبر بڻيو، سنڌ حڪومت جي ڪيترن ئي شعبن ۾ يونيسيف سان ڀائيواري قائم آهي. مراد علي شاهه چيو ته يونيسيف ٻارن جي صحت، تعليم ۽ خوراڪ جي کوٽ کي ختم ڪرڻ ۾ اهم ڀائيوار آهي. هن چيو ته يونيسيف جي سهڪار سان ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ٻارن جي حفاظت لاءِ اثرائتا قدم کنيا ويا آهن. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته يونيسيف جي سهڪار سان نياڻين جي روزگار ۽ هنر جا تربيتي پروگرام جاري آهن، خيرپور ۽ گهوٽڪي ۾ نوجوان ڇوڪرين کي فني تربيت سان بااختيار بڻايو پيو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
28.2 ° C
28.2 °
28.2 °
34 %
4.7kmh
16 %
ڇنڇر
28 °
آچر
30 °
سُومر
29 °
اڱارو
30 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون