- Advertisement -
اڏيرولال وليج ۾ سي آئي اي مٽياري پوليس ڪارروائي ڪندي يوسي اڏيرولال وليج جي وائس چيئرمين يامين راجپوت کي گرفتار ڪري منشيات وڪرو ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.
سي آءِ اي پوليس مٽياري ۾ گشت دوران اهم ڪارروائي ڪندي گٽڪو وڪرو ڪرڻ ۽ سمگلنگ جي الزام ۾ محمد يامين راجپوت کي گرفتار ڪري ورتو.
پوليس جو چوڻ آهي ته محمد يامين راجپوت کي 71 موري لنڪ روڊ تان مين پڙي وڪرو ڪندي گرفتار ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب گرفتار جوابدار وٽان 430 مين پڙيون هٿ ڪيون ويون آهن.
پوليس جو چوڻ آهي ته محمد يامين راجپوت اڏيرولال وليج ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ مين پڙي گٽڪو سپلاءِ ڪندو هو ۽ پوليس کي ڪيترن ئي ڪيس ۾ گهربل هو.
پوليس موجب، محمد يامين راجپوت خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
مٽياري پوليس جو چوڻ آهي ته منشيات وڪڻندڙن ۽ ڏوهن ۾ ملوث عنصرن خلاف بنا فرق جي ڪارروايون ڪيون پيون وڃن.- Advertisement -
