- Advertisement -
نبي سر ٿر ۾ سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ ڪري هوٽل تي ويٺل ٻن سڳن ڀائرن کي قتل ڪري ڇڏيو.
هٿياربندن رپيٽر سان فائرنگ ڪري ڏنڀرلي واسي نوجوان صابر ۽ سندس ڀاءُ جان محمد کي قتل ڪري فرار ٿي ويا.
اطلاع تي پوليس پهچي ٻنهي مقتولن جا لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيا.
علائقي ۾ چوٻول آهن ته ڏنڀرلي واسي نوجوان نبي سر ٿر ۾ ڊيم تي مزدوري ڪرڻ لاءِ آيل ھئا ته جوابدارن سندن پيڇو ڪري کين رپيٽر جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو.
پوليس جو چوڻ هو ته وارثن طرفان اڃا واقعي جو ڪيس داخل ناهي ڪرايو ويو، جيئن ئي مقتولن جا وارث ايندا ته سندن مرضيءَ موجب ڪيس داخل ڪيو ويندو، واقعو سڱاوتي تڪرار تان پيش آيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي..- Advertisement -
