- Advertisement -
اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ فيس بڪ جي باني مارڪ زوڪربرگ کي ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن هن دوکو ڏنو ته هو کيس سڄي عمر لاءِ جيل موڪلي ڇڏيندو.
اي پي پي جي رپورٽ موجب ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي نئين ڪتاب ”سيو آمريڪا“جيڪو 3 سيپٽمبر تي شايع ٿيندو ته اسان هن جي ڀرپور نگراني ڪري رهيا آهيون جيڪڏهن هن ڀيري هن ڪو غيرقانوني ڪم ڪيو ته اهو پنهنجي سموري زندگي جيل ۾ گذاريندو.
پرڏيهي ميڊيا موجب ڊونلڊ ٽرمپ فيس بڪ جي مالڪ تي الزام هنيو ته گذريل صدارتي چونڊن دوران هن سندس خلاف سازش ڪئي، جنهن سبب 2020ع ۾ جوبائيڊن جي ڪاميابي ٿي.
فيس بڪ جي مالڪ ڪمپني ميٽا لاڳاپيل اختيارين کي يقين ڏياريو آهي ته اها هن سال جي چونڊن تي اثر انداز نه ٿيندي.- Advertisement -
