تازه ترين

سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي سميت  مختلف شهرن ۾ ڇهين ڏينهن به ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات جو سلسلو جاري

- Advertisement -
سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي سميت  مختلف شهرن ۾ ڇهين ڏينهن به ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات جو سلسلو جاري آهي. ڪراچي جي ملير، قائد آباد، گلشن حديد، پپري ۽ ايئرپورٽ، پنجاب ڪالوني، ڊفينس، ڪلفٽن ۽ ٻين علائقن ۾ وسڪاري بعد هيٺانهن وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو. شاهراهه فيصل، بلوچ ڪالوني، ڪورنگي ۽ مهراڻ ٽائون ۾ برسات پئي. جيڪب آباد ۽ ڀرپاسي ۾ وقفي وفقي سان برسات جو سلسلو جاري آهي، وسڪاري سبب مواصلاتي نظام ڊانوان ڊول ٿي ويو. ٺل جي مختلف علائقن ۾ وسڪاري  سبب مواصلاتي نظام ڊانوان ڊول ۽  ڪکاوان گهر ڊهي پٽ پئجي ويا. ڳڙهي حسن ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات سبب فصل توڙي هيٺانهين وارا علائقا ٻڏي ويا. ڪيٽي بندر، ڳاڙهو ۽ ٻگهاڻ سميت سامونڊي پٽي واري علائقي ۾ گذريل ڇهن ڏينهن کان جاري برسات تباهي مچائي ڇڏي، سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي هيٺ اچي ويا. نيو سعيد آباد ڀرسان برساتي پاڻي ڳوٺ نبي بخش خاصخيلي ۾ ڪاهي پيو، 12 گهرن سميت پرائمري اسڪول ۾ پاڻي بيهجي ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24 ° C
24 °
24 °
10 %
3.1kmh
0 %
سُومر
35 °
اڱارو
35 °
اربع
37 °
خميس
37 °
جمعو
36 °

تازه ترين خبرون