حيدرآباد جي عدالت پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي صلاحڪار سردار محمد اسماعيل ڏاهري ۽ سندس گارڊ عنايت اوٺو جي ضمانت منظور ڪري ورتي.
حيدرآباد جي فرسٽ ايڊيشنل سيشن ڪورٽ پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي صلاحڪار سردار محمد اسماعيل ڏاهري ۽ سندس گارڊ عنايت اوٺو جي ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي آهي.
عدالت ٻنهي جوابدارن کي هڪ، هڪ لک رپين جا ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
محمد اسماعيل ڏاهري جي ڀاءُ علي رضا ڏاهري پنهنجي وڪيل جي معرفت عدالت پهچي ضمانتي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا.
واضع رهي ته 6 ڏينهن اڳ حيدرآباد لطيف آباد اي سيڪشن پوليس وڏن اٽالن سان آمري پل ڀرسان محمد اسماعيل ڏاهري جي گاڏي کي روڪي کيس ٽن ملازمن سميت گرفتار ڪيو هو.
پوليس پاران محمد اسماعيل ڏاهري تي منشيات جو ڪيس ۽ سندس گارڊ مٿان بغير لائسنس هٿيار رکڻ جو ڪيس داخل ڪيو هو.
