تازه ترين

پي ٽي آءِ وفد جي مولانا فضل الرحمان سان ملاقات

- Advertisement -
پي ٽي آءِ ۽ جي يو آءِ وچ ۾ ملاقات دوران اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، ٻنهي جماعتن گڏيل طور تي آئيني ترميم جو مسودو تيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سان سلمان اڪرم راجا ۽ صاحبزاده حامد رضا جي اڳواڻي ۾ پي ٽي آءِ وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ذريعن موجب ملاقات ۾ طئه ڪيو ويو ته بئريسٽر سلمان اڪرم راجا ۽ سينيٽر مرتضيٰ ڪامران گڏجي اپوزيشن جو متفقه آئيني ترميم جو مسودو تيار ڪندا. ميڊيا سان ڳالهائيندي سلمان اڪرم راجا چيو ته مولانا الرحمان ساڻن گڏ آهي. هن وڌيڪ چيو ته اهو نه ٿيندو ته ڪٽ پتلي آئيني عدالت جوڙي وڃي، هن وقت جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي سڀ ڪجهه بدنيتي تي ٻڌل آهي. ڪامران مرتضيٰ جو چوڻ هو ته هن وقت تائين آئيني ترميم جو ڊرافٽ تيار ناهي ٿيو. هن چيوته جيڪڏهن معاشري لاءِ بهتر قانونسازي هوندي ته حڪومت جو ساٿ ڏيندا، هو مخالف ڌر ۾ آهن ۽ رهندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.1 ° C
23.1 °
23.1 °
50 %
1.7kmh
9 %
جمعو
31 °
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
32 °

تازه ترين خبرون