پي ٽي آءِ بيٽ جي نشان لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل

- Advertisement -
پي ٽي آءِ بيٽ جي نشان لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي. پي ٽي آءِ طرفان سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪرايل درخواست ۾ پشاور هائيڪورٽ جو فيصلو چئلينج ڪيو ويو آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته اليڪشن ڪميشن جي درخواست ٻڌڻي جوڳي نه هئي، بلڪه اليڪشن ڪميشن ان معاملي ۾ ڌر ئي نه ٿو ٺهي. داخل ڪرايل درخواست ۾ چيو ويو ته ٻين سياسي پارٽين جي ابتڙ پي ٽي آءِ خلاف متڀيد وارو ورتاءُ ڪيو پيو وڃي. درخواست ۾ چيو ويو ته اليڪشن ڪميشن بيٽ جو نشان واپس وٺندي شاهدين کي نظر ۾ نه رکيو، شاهدين بنا فيصلو ڪري چونڊ نشان کسيو ويو. پي ٽي آءِ جي درخواست م چيو ويو ته پشاور هائيڪورٽ به فيصلو ڪندي حقيقتن کي نظر ۾ نه رکيو، هائيڪورٽ جو فيصلو غير قانوني آهي….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.4 ° C
21.4 °
21.4 °
54%
2.4m/s
0%
اربع
31 °
خميس
25 °
جمعو
25 °
ڇنڇر
28 °
آچر
26 °

تازه ترين خبرون