باليووڊ اسٽار سلمان خان جي گهر تي فائرنگ ڪندڙ جوابدارن کي واقعي جي 24 ڪلاڪن اندر ئي گرفتار ڪري ورتو.
ڀارتي ميڊيا موجب، سلمان خان جي ممبئي باندره واري گهر تي فائرنگ ڪندڙ ٻنهي جوابدارن کي گجرات جي شهر ڀوڄ مان گرفتار ڪري ورتو، ٻنهي جوابدارن جو تعلق رياست بهار سان آهي،
ڀارتي ميڊيا رپورٽس چيو ته ڀارت جي ڪرائيم برانچ جي يونٽ 9 گذريل رات وڪاس عرف وڪي گپتا ۽ ساگرپال کي بهار مان گرفتار ڪيو.
پوليس کي ڏنل بيان ۾ جوابدارن ٻڌايو ته جيل ۾ قيد گينگسٽر لارنس بشنوئي جي چوڻ تي ۽ رقم عيوض سلمان خان جي گهر تي فائرنگ ڪئي.
پوليس موجب فائرنگ بعد جوابدار پنهنجو پسٽل سورت جي درياهه ۾ اڇلايو هو، جوابدارن جي فائرنگ ڪرڻ جو مقصد ڪنهن کي نقصان پهچائڻ نه پر خوف پکيڙڻ هو ..
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
8.7
°
C
8.7
°
8.7
°
26%
1.7m/s
0%
اربع
20
°
خميس
20
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°
آچر
18
°


