تازه ترين

باليووڊ اسٽار سلمان خان جي گهر تي فائرنگ واقعو، جوابدار گرفتار

- Advertisement -
باليووڊ اسٽار سلمان خان جي گهر تي فائرنگ ڪندڙ جوابدارن کي واقعي جي 24 ڪلاڪن اندر ئي گرفتار ڪري ورتو. ڀارتي ميڊيا موجب، سلمان خان جي ممبئي باندره واري گهر تي فائرنگ ڪندڙ ٻنهي جوابدارن کي گجرات جي شهر ڀوڄ مان گرفتار ڪري ورتو، ٻنهي جوابدارن جو تعلق رياست بهار سان آهي، ڀارتي ميڊيا رپورٽس چيو ته ڀارت جي ڪرائيم برانچ جي يونٽ 9 گذريل رات وڪاس عرف وڪي گپتا ۽ ساگرپال کي بهار مان گرفتار ڪيو. پوليس کي ڏنل بيان ۾ جوابدارن ٻڌايو ته جيل ۾ قيد گينگسٽر لارنس بشنوئي جي چوڻ تي ۽ رقم عيوض سلمان خان جي گهر تي فائرنگ ڪئي. پوليس موجب فائرنگ بعد جوابدار پنهنجو پسٽل سورت جي درياهه ۾ اڇلايو هو، جوابدارن جي فائرنگ ڪرڻ جو مقصد ڪنهن کي نقصان پهچائڻ نه پر خوف پکيڙڻ هو ..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
20.6 ° C
20.6 °
20.6 °
52 %
4.5kmh
100 %
سُومر
24 °
اڱارو
32 °
اربع
33 °
خميس
28 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون