بجليءَ جي بل سان عوام کي ڪرنٽ لڳي وڃي ٿو، وفاق جو بجلي نظام تباهه ٿي ويو آهي، ڪو به ادارو پنهنجو ڪم نه ٿو ڪري:بلاول ڀٽو زرداريءَ

- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو آهي ته  بجليءَ جي بل سان عوام کي ڪرنٽ لڳي وڃي ٿو، وفاق جو بجلي نظام تباهه ٿي ويو آهي، ڪو به ادارو پنهنجو ڪم نه ٿو ڪري، ايف بي آر ڪم نه ٿي ڪري ته بجلي جي بلن ذريعي ٽيڪس ڏين ٿا،  هو سولر ذريعي عوام کي رليف ڏيڻ چاهن ٿا، بجلي سستي ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو اهو سمجهه کان ٻاهر آهي، ٻه مهينن جي چڪر ۾ جيڪڏهن ٻارهن مهينا عوام کي تڪليف ٿئي ته اهڙا منصوبا نه  گهرجن، هو  بجلي جو جٽادار حل چاهن ٿا، پنهنجي منشور موجب غريب عوام کي سولر پليٽون ڏنيون پيون وڃن… ڪراچيءَ ۾ غريب ۽ مستحق ماڻهن ۾ سولر پينل ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ سرڪار جو منصوبو پ پ جي منشور موجب آهي. هن چيو ته مهانگائي جو اثر بجلي جي بلن تي وڌيڪ ٿيو آهي، بجلي جي بل سان عوام کي ڪرنٽ لڳي وڃي ٿو، ان ڪري هو عوام کي رليف ڏيڻ چاهن پيا. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اليڪشن منشور پيش ڪرڻ وقت مٿن تنقيد ٿي، پر اها سٺي ڳالهه آهي ته سمورو ملڪ ان سوچ تي اچي ويو آهي ته غريب عوام کي بجلي ۾ سهولت ڏيڻي آهي. پ پ چيئرمين چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ رجسٽرڊ خاندان پهرين ترجيح آهن، ٿر ڪول ذريعي هو سستي بجلي پهچائي، ڪي اليڪٽرڪ کي سنڌ حڪومت جي ٻن پلانٽن ذريعي سڀ کان سستي بجلي پهچائي پئي وڃي. سندس چوڻ هو ته هو ونڊ پاور ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيا آهن، خانگي سيڪٽر کي به گهرايو پيو وڃي، هيل تائين هو ٽي انرجي پارڪ ٺاهي رهيا آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وفاق جو بجلي نظام تباهه ٿي ويو آهي، وفاق واري بجلي مهانگي پئي ٿي، ڪو به ادارو پنهنجو ڪم نه ٿو ڪري، ايف بي آر ڪم نه ٿي ڪري ته بجلي جي بلن ذريعي ٽيڪس ادا ڪرڻي پوي ٿي، پوءِ جڏهن بجليءَ جو بل اچي ٿو ته عوام کي ڪرنٽ لڳي وڃي ٿو. پ پ چيئرمين چيو ته ن ليگ 14 رپيا في يونٽ سستو ڪرڻ جو اعلان ڪيو، بجلي سستي ڪرڻ جي اعلان جي حد تائين هو ان کي ڀليڪار ڪن ٿا، وزيراعظم کي چيو ته جيڪو بجلي سستي ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو اهو سمجهه کان ٻاهر آهي، ٻه مهينن جي چڪر ۾ جيڪڏهن ٻارهن مهينا عوام کي تڪليف ٿئي ته اهڙا منصوبا نه  گهرجن، هو  بجلي جو جٽادار حل چاهن ٿا، گرين انرجي ذريعي بجلي جي بلن ۾ رليف پهچائي سگهجي ٿو. هن چيو ته هو سولر ذريعي عوام کي رليف ڏيڻ چاهن ٿا، آهستي آهستي ان ئي سبسڊي جي استعمال ڪندي 300 يونٽن تائين ان ئي حڪومت جي خرچ تي خاندانن کي سولر تي آندو ويندو ته جيئن 300 يونٽ تائين بجلي مفت ڏيڻ وارو واعدو پورو ڪري سگهجي. پ پ چيئرمين چيو ته سستي بجلي فراهم ڪرڻ لاءِ رٿابندي ٿيندي آهي ۽ وقت لڳندو آهي، هو سان ڪيل واعدا پورا ڪندا. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ جو عوام 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ برداشت پيو ڪري، ڪو لانگ مارچ يا بي اعتمادي رٿ ناهي، پر وفاق جا فيصلا سمجهه کان ٻاهر آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.7 ° C
24.7 °
24.7 °
31%
1.6m/s
0%
ڇنڇر
25 °
آچر
30 °
سُومر
31 °
اڱارو
32 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون