بلوچستان جي امن لاءِ  سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، اجتماعي ڪوششن سان بلوچستان ۾ دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ڪيو ويندو:وزيراعظم

- Advertisement -
وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته ملڪي ترقي لاءِ دهشتگردن جو خاتمو ضروري آهي، ملڪ دشمنن ۽ دهشتگردن سان ڪي به ڳالهيون نه ٿينديون، ساڻن رعايت جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿيئ، بلوچستان جي امن لاءِ  سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، اجتماعي ڪوششن سان بلوچستان ۾ دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ڪيو ويندو. وزيراعظم شهبازشريف بلوچستان ۾ دهشتگردي جي واقعن بعد ڪوئيٽا پهتو، جنهن دوران نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، گهرو وزير محسن نقوي، احسن اقبال، عطا تارڙ ۽ ڄام  ڪمال به ساڻس گڏ هئا. ڪوئيٽا ايئرپورٽ تي بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽيءَ ۽ ٻين وزيراعظم جي آجيان ڪئي. وزيراعظم شهبازشريف جي صدارت هيٺ نيشنل ايڪشن پلان جي ايپڪس ڪميٽيءَ جو ڪوئيٽا ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ کيس صوبي ۾ امن امان جي صورتحال بابت بريفنگ ڏني وئي. اجلاس دوران ڳالهائيندي وزيراعظ۾ چيو ته بلوچستان ۾ 26 آگسٽ تي انتهائي ڏکوئيندڙ واقعو پيش آيو، بلوچستان پاڪستان خوبصورت صوبو آهي. هن چيو ته ملڪي ترقي لاءِ دهشتگردن جو خاتمو ضروري آهي، ملڪ دشمنن ۽ دهشتگردن سان ڪي به ڳالهيون نه ٿينديون، بلوچستان جي امن لاءِ  سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. شهبازشريف چيو ته اجتماعي طور بلوچستان مان دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ڪيو ويندو، صوبي جي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه ۾ آڏو سموريون رنڊڪون ختم ڪيون وينديون. وزيراعظم چيو ته خارجين ۽ دهشتگردن گڏجي بلوچستان ۾ دهشتگردي جو منصوبو بڻايو، بدقمستي سان دهشتگرديءَ 2018ع کانپوءِ ٻيهر ڪر کنيو آهي، جنهن کي پوري قوت سان چٿيو ويندو. شهبازشريف چيو ته آرمي چيف جنرل عاصم منير جي اڳواڻيءَ ۾ دهشتگرديءَ جو خاتمو ڪيو ويندو، پاڪستان ٻيهر پنهنجو مقام حاصل ڪندو. سندس چوڻ هو ته بدقسمتيءَ سان تاثر ڏنو ويندو آهي ته آفيسر بلوچستان ۾ مقرريءَ کان لنوائيندا آهن، سول آفيسرن جي مقرريءَ بابت پاليسي ٺاهي آهي، جنهن تي عمل ڪرڻو پوندو، 48هين ڪامن گروپ جي آفيسرن کي بلوچستان ۾ مقرر ڪيو ويندو، آفيسرن کي فوري طور هڪ سال لاءِ مقرر ڪيو ويندو. شهبازشريف چيو ته گوادر پاڪستان ۽ بلوچستان جي ترقيءَ جو منصوبو آهي، اين ايف سي ۾صوبي جو حصو ٻيڻو ڪيو ويو آهي. وزيراعظم چيو ته واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن ۽ آفيسرن جي قربانيون هو  ضايع ٿيڻ نه ڏيندا، اجتماعي ڪوششن سان دهشتگرديءَ جو خاتمو ٿيندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.1 ° C
25.1 °
25.1 °
39%
1.8m/s
0%
آچر
25 °
سُومر
30 °
اڱارو
31 °
اربع
32 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون