بجلي جو بل هر صورت ڏيڻو پوندو: نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته بجلي جو بل هر صورت ڏيڻو پوندو، آءِ ايم ايف سنا جيل معاهدا هر صورت پورا ڪيا ويندا، هو نه ڪوڙا واعدا ڪندا نه ئي پنهنجي ذميوارين کان پوئتي هٽندا، چونڊن جي تاريخ اليڪشن ڪميشن کي ڏيڻي آهي، اليڪشن ٿي ته هو هليا ويندا.

اسلام آباد ۾ سينيئر صحافين سان ڳالهائيندي نگران وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف کي بجل جي بلن واري معاملي تي تجويزون ڏنيون آهن.

هن چيو ته هو نه ڪوڙا واعدا ڪندا نه ئي پنهنجي ذميوارين کان پوئتي هٽندا، هن پنهنجن وزيرن کي ڪمن جو ٽارگيٽ ڏئي ڇڏيو آهي، جيڪي ڪم نه ٿا ڪري سگهن، اهي ٻڌائن ته ڪهڙو مسئلو آهي.

انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته چونڊن جي تاريخ اليڪشن ڪميشن کي ڏيڻي آهي، اليڪشن ٿي ته هو هليا ويندا. نگران وزيراعظم چيو ته پروفيشنل ڪابينا ٺاهي آهي، آئين ٽيڪنوڪريٽس جي سينيٽ ۾ جڳهه ٺاهي آهي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.9 ° C
30.9 °
30.9 °
15%
3.6m/s
0%
خميس
30 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
32 °
آچر
32 °
سُومر
31 °

تازه ترين خبرون