بنون جي علائقي جاني خيل ۾ آپگهاتي حملي ۾ پاڪ فوج جا 9 جوان شهيد ۽ پنج زخمي ٿي پيا.
آءِ ايس پي آر موجب، جاني خيل ۾ موٽرسائيڪل سوار بمبار پاڻ کي فوجي قافلي ڀرسان ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو.
جاري ڪيل بيان ۾ آءِ ايس پي آر چيو ته دهشتگردن جي حملي ۾ پاڪ فوج جا 9 جوان شهيد ۽ 5 زخمي ٿي پيا.
پاڪ فوج جي ترجمان موجب آپگهاتي ڌماڪي بعد علائقي ۾ سڪيورٽي فورسز طرفان علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن جي حملي دوران شهيد ٿيلن ۾ جي او سي نائب صوبيدار صنوبر علي به شامل آهي.
آءِ ايس پي آر موجب، سڪيورٽي فورسز دهشتگردي کي پاڙان پٽڻ لاءِ پرعزم آهي، بهادر سپاهين جون قربانيون سندن عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.
