- Advertisement -
بخشاپور ويجهو نوجوان مبينا طور آپگهات ڪري ڇڏيو آهي.
ڳوٺ حاجي بقا محمد جکراڻي ۾ 18 ورهين جي يار علي جکراڻي پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري زندگي جو انت آندو.
اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال پهچايو جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
18ورهين جي يار علي جکراڻي جو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان گهرو پريشانين کان تنگ اچي آپگهات ڪيو آهي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.- Advertisement -
