تازه ترين

بخشاپور ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، بنگوار برادري جا 4 ڄڻا مارجي ويا

- Advertisement -
بخشاپور ۾ هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ بنگوار برادري جا 4 ڄڻا مارجي ويا، وارثن پاران لاش ٿاڻي اڳيان رکي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ڇڻڪو ڦاٽڪ وٽ هٿياربندن، موٽرسائيڪلن تي ويندڙن مٿان حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني. فائرنگ جي نتيجي ۾ شبير بنگوار، سندس هڪ پٽ، ماجد ۽ بابو مارجي ويا. اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال پهچايا جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا. واقعي جو ڪارڻ بنگوار برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار ٻڌايو پيو وڃي. وارثن پاران لاش ٿاڻي اڳيان رکي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. وارثن جو چوڻ آهي ته چئن ڄڻن جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو…….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
23.7 ° C
23.7 °
23.7 °
41 %
2.9kmh
94 %
اڱارو
24 °
اربع
34 °
خميس
29 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون