وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ چين جي دوري جي تيارين بابت اعليٰ سطحي اجلاس

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ چين جي دوري جي تيارين بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن دوران ٻنهي ملڪن جي نتيجو ڏيندڙ بزنس ٽو بزنس ملاقاتن بابت مضبوط پلان جوڙڻ جي هدايت ڪئي وئي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ چين جي دوري جي تيارين بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي دوري دوران ٻنهي ملڪن جي نتيجو ڏيندڙ بزنس ٽو بزنس ملاقاتن بابت مضبوط پلان جوڙڻ جي هدايت ڪئي وئي. وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪندي چيو ته چيني انڊسٽري کي پاڪستان ۾ صنعتون لڳائڻ جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙي وڃي، حڪومت چيني صنعتڪارن ۽ سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪندي. وزيراعظم کي چين دوري بابت بريفنگ ڏني وئي ته پاڪستان مان صنعتڪارن، سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري ماڻهن جو وفد به وزيراعظم سان گڏ چين جي شهر شينزين ويندو، هي وفد چيني ڪاروباري برادري سان ملاقاتون ڪندو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ بزنس ٽو بزنس لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ بابت ڳالهيون ڪندو. وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪندي چيو ته چين ۾ مقرر پاڪستاني سفير پاڪستاني ڪاروباري وفد کي چين ۾ هر ممڪن سهولت فراهم ڪري. اجلاس ۾ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال، سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ ۽ ٻين شرڪت ڪئي……..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
3 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
29.3 ° C
29.3 °
29.3 °
18%
3.2m/s
0%
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °
آچر
31 °
سُومر
32 °
اڱارو
34 °

تازه ترين خبرون