- Advertisement -
برطانيا جي رائل برومپٽن اسپتال ن ليگ جي قائد نوازشريف جي طبي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي.
نوازشريف جي ميڊيڪل رپورٽ برومپٽن اسپتال جي ڪنسلٽنٽ ڪارڊيالاجسٽ پروفيسر ڪارلو ڊي ماريو جاري ڪئي.
لاهور هائيڪورٽ ۾ جمع ڪرايل رپورٽ ۾ چيو ويو ته نوازشريف ۾ اڃا تائين دل جي مرض جون علامتون آهن، شگر ۽ ٻين مرضن سبب کيس پاڪستان ۽ لنڊن ۾ مسلسل فالو اپ جي ضرورت آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو ته ماضي جي باءِ پاس سرجري ۽ انيجوپلاسٽي سبب نوازشريف جو مسلسل چيڪ اپ ڪيو ويو، هنن نوازشريف جي پهرين اينٽي اينجل ٿراپي جي بهتري لاءِ علاج ڪيو.
اسپتال جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته مرض جون علامتون وڌي ويون ته نوازشريف جي ٻيهر انجيو پلاسٽي جو فيصلو ڪيو ۽ نومبر 2022ع ۾ سندس انجيو پلاسٽي ڪري اسٽنٽ به وڌا.- Advertisement -
