بشام حملي جي مڪمل جاچ ڪئي پئي وڃي، پاڪستان چيني حڪومت سان مڪمل رابطي ۾ آهي :ممتاز زهرا بلوچ

- Advertisement -
پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته بشام حملي جي مڪمل جاچ ڪئي پئي وڃي، پاڪستان چيني حڪومت سان مڪمل رابطي ۾ آهي، بشام حملي ۾ پاڪستان ۽ چين جا دشمن ملوث آهن، پاڪستان هر قسم جي دهشتگرديءَ جي مذمت ڪري ٿو. اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستان ۽ چين ٻه مضبوط ترين پاڙيسري ۽ ڀاءُ ملڪ آهن، بشام حملي جي مڪمل جاچ ڪئي پئي وڃي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان چيني حڪومت سان مڪمل رابطي ۾ آهي، بشام حملي ۾ پاڪستان ۽ چين جا دشمن ملوث آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته هو دهشتگردن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان هر قسم جي دهشتگرديءَ جي مذمت ڪري ٿو، چيني شهرين جي هر ممڪن سڪيورٽي يقيني بڻائي ويندي. هن چيو ته فلسطين ۾ جاري بربريت کي ختم ٿيڻ گهرجي، ڪشمير ۾ جاري ڀارتي ظلمن جو خاتمو به ٿيڻ گهرجي، ڪشميرين جي حق خوداراديت ملڻ تائين حمايت جاري رکندا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته ڪامرس سيڪريٽري افغانستن جو دورو ڪيو، ڪامرس سيڪريٽري افغان اختيارين سان واپار ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ بابت ڳالهيون ڪيون.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
6 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
25.2 ° C
25.2 °
25.2 °
25%
3.1m/s
0%
ڇنڇر
26 °
آچر
26 °
سُومر
28 °
اڱارو
28 °
اربع
27 °

تازه ترين خبرون