تازه ترين

بشام ۾ دهشتگرد حملي جو نشانو بڻجندڙ چيني انجنيئرن جي گاڏي بلٽ ۽ بم پروف نه هئڻ جو انڪشاف

- Advertisement -
بشام ۾ دهشتگرد حملي جو نشانو بڻجندڙ چيني انجنيئرن جي گاڏي بلٽ ۽ بم پروف نه هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. بشام ۾ چيني انجنيئرن تي حملي بابت  خيبرپختونخوا پوليس ٻئي جاچ رپورٽ وفاق حوالي ڪري ڇڏي. ڪي پي پوليس رپورٽ موجب، شروعاتي جاچ جي بنياد تي چيني شهرين کي کڻي ويندڙ گاڏي بظاهر بلٽ ۽ بم پروف نه لڳي رهي آهي، مارجي ويل چيني شهرين ۾ هڪ عورت به شامل آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته واقعي واري هنڌ جي هوائي تصوير به حاصل ڪئي وئي آهي، بشام ٿاڻو 6 ڪلو ميٽر ۽ داسو ڊيم 77 ڪلو ميٽر واقعي واري هنڌ کان پري آهن. رپورٽ موجب، تباهه ٿيل بس ٻئي بس کان 15 فوٽ جي فاصلي تي هئي ۽ آپگهاتي ڌماڪي سان بس 300 فوٽ اونهي کڏ ۾ ڪري پئي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته چيني قافلي ۾ شامل سمورين بسن ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳل هيون، آپگهاتي بمبار جي استعمال هيٺ گاڏي جا ٽڪرا حاصل ڪيا ويا آهن
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.8 ° C
22.8 °
22.8 °
28 %
0.9kmh
0 %
آچر
32 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون