- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي آهي.
بلاول ڀٽو زرداري، مولانا فضل الرحمان سان ملاقات لاءِ سندس رهائشگاهه پهتو، جتي مولانا فضل الرحمان بلاول ڀٽو زرداريءَ جي آجيان ڪئي.
ملاقات دوران ملڪي سياسي صورتحال سميت ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.
ملاقات دوران ملڪ جي سياسي، سڪيورٽي صورتحال سميت ايندڙ قانون بابت غور ويچار ڪيو ويو.
ذريعن موجب پ پ چيئرمين، مولانا کي تازي صورتحال تي اعتماد ۾ ورتو، مولانا فضل الرحمان افغانستان جي صورتحال کي بهتر نموني حل ڪرڻ تي زور ڀيرو.
ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي ۽ امن امان جي صورتحال به غور هيٺ آئي.
بلاول ڀٽو زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان پارلياماني معاملن خاص طور قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ ورڪنگ رليشن شپ جو به ذڪر ڪيو.
مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته پارلياماني جمهوريت ۾ سڀ کان اهم ڪردار پارليامينٽ جو آهي جيڪو ادا نه پيو ٿئي.
ذريعن موجب بلاول، مولانا کي افغانستان بابت تجويزون ۽ خدشا صدر آصف علي زرداريءَ تائين پهچائڻ جي خاطري ڪرائي.
بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ نيئر حسين بخاري، همايون خان ۽ جميل سومرو موجود هئا، جڏهن ته جي يو آءِ طرفان مولانا اسعد محمود ۽ مفتي ابرار به ملاقات ۾ شريڪ هئا……..- Advertisement -
