- Advertisement -
سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري طرفان جاري ڪيل 10 نقاطي پروگرام انقلابي ھوندو، حڪومت ۾ اچي هو سرڪاري ملازمن جي پگهارون ٻيڻيون ڪندا.
مراد علي شاهه چونڊ مهم جي سلسلي ۾ پنھنجي تڪ جي دوري دوارن يونين ڪاؤنسل آراضي ۾ جاويد ميمڻ جي دعوت تي پھتو ته پنڊال ۾ پيل ڪرسيون خالي پيل رھيون، بعد ۾ هن ڳوٺ ٽنڊو شهبازي ۾ ظھور الاھي سيال ۽ ارضي ۾ سيد ھادي بخش شاھ سميت مخلتف ڳوٺن ۾ وڃي ڪارنر گڏجاڻين ۽ عوامي ميڙاڪن ۾ شرڪت ڪئي.
پي ايس 77جي اميدوار سيد مراد علي شاھ عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندَي ۽ صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته سولر سسٽم ذريعي بجلي پيدا ڪري عوام کي 300يونٽ بجلي مفت ڏني ويندي.
هن چيو ته صحت جي سھولتن کي وڌيڪ بھتر ڪندا جئين مفت ۽ معياري علاج عوام کي ڏئي سگھن، تعليم جون اڃا به وڌيڪ سهولتون ڏنيون وينديون.
مراد علي شاهه چيو ته بلاول ڀٽو زرداريءَ سموري ملڪ ۾ 30لک غريب ماڻھن کي گھر ٺھرائي ڏيڻ جو منصوبو جوڙيو آهي، تعلقي سيوهڻ ۾ 38ھزار گھر ٺھي رھيا آھن ۽ ھارين کي ڪلر ۽ٻج مفت ۾ ڏنو ويو آهي.
ھن بلاول ڀٽو زرداريءَ وزيراعظم بڻجي شھيد بينظير ڀُٽو جو رھيل خواب پورو ڪندو…- Advertisement -
