بلاول ڀٽو زرداري پاران ڌانڌلي جا الزام لڳائيندڙن خلاف قانوني رستو اختيار ڪرڻ جو اعلان

- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، عام چونڊن ۾ پاڻ تي ڌانڌلي جا الزام لڳائيندڙن خلاف قانوني رستو اختيار ڪرڻ جو اعلان ڪندي فارم 45 سوشل ميڊيا تي جاري ڪري ڇڏيو. جاري ڪيل بيان ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته اين اي 194 لاڙڪاڻي تي هڪ فراڊي شخص سندس ڪاميابي کي ڌانڌلي قرار ڏنو، هو پنهنجي تڪ ۾ ڌانڌلي جي الزامن کي غير سنجيده نه ٿو وٺي سگهي. هن چيو ته فارم 47 موجب هن هڪ لک 35 هزار 112 ووٽ کنيا آهن ۽ سندس مخالف اميدوار تي هڪ لک کان وڌيڪ ووٽن جي سرسي حاصل آهي. بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته عزت ۾ پنهنجي شڪست مڃڻ بدران هارايل شخص ڪوڙ ڳالهائڻ تي لهي آيو آهي، چونڊن ۾ ڌانڌلي ۽ بي ضابطگي جا الزام اهم نوعيت جو معاملو آهي ۽ ان کي سنجيده وٺڻ گهرجي. هن چيو ته جيڪي ماڻهو چونڊن ۾ ڌانڌلي جا غلط الزام لڳائي رهيا آهن، اهي اصل ۾ انهن ماڻهن سان ناانصافي ڪري رهيا آهن جن جا الزام جائز نوعيت جا آهن . بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته پيپلزپارٽي جمهوريت لاءِ پنهنجي قيادت ۽ ڪارڪنن جو رت ڏنو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
13 ° C
13 °
13 °
34%
2.2m/s
52%
اربع
13 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون