- Advertisement -
سنڌ جي 30 ضلعن ۾ 26 فيبروريءَ کان ستن ڏينهن واري پوليو مهم شروع ٿيندي، جنهن دوران پنجن سالن کان ننڍي عمر جي هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ٻارڙن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويندا.
چيف سيڪريٽري سنڌ ڊاڪٽر محمد فخر عالم جي صدارت هيٺ پوليو جي خاتمي بابت صوبائي ٽاسڪ فورس جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پوليو مهم جي تياري، عمل ۽ ورڪرن جي سڪيورٽي جي حوالي سان فيصلا ڪيا ويا.
اجلاس ۾ پوليو وائرس جي مجموعي صورتحال ۽ ان جي روڪٿام جو جائزو پڻ ورتو ويو.
ڪوآرڊينيٽر ايمرجنسي آپريشن سنڌ ارشاد علي سوڍر بريفنگ ڏني ته پوليو مهم لاءِ عملي جي تربيت جو عمل مڪمل ٿي چڪو آهي، مهم دوران ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا ۽ وٽامن اي جي اضافي خوراڪ به پياري ويندي.
ان موقعي تي چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد فخر عالم چيو ته موجوده هاءِ رسڪ يونين ڪائونسلن ۾ پوليو مهم اثرائتي انداز ۾ شروع ڪئي وڃي، جيئن خاطر جوڳا نتيجا حاصل ٿي سگهن.
چيف سيڪريٽري سمورن ڊپٽي ڪمشنرن کي پوليو مهم جي نگراني جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته روزانو جي بنياد تي پنهنجي لاڳاپيل آفيسرن جي رپورٽ به جمع ڪرائن.
هن تعليم کاتي جي آفيسرن کي به هدايت ڪئي ته مهم دوران خانگي توڙي سرڪاري اسڪولن ۾ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا لازمي پياريا وڃن- Advertisement -
