تازه ترين

بلوچستان جي اتر علائقن ۾ غير معمولي برسات تباهي مچائي ڇڏي

- Advertisement -
طوفاني برساتن سبب بلوچستان جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ موبائل فون، انٽرنيٽ سروس ۽ بجلي جي سپلاءِ معطل ٿي وئي آهي، اختيارين مٿانهين وارن علائقن ۾ ليويز وائرليس سسٽم ذريعي رابطن جي ڪوشش ڪئي. چمن، قلعه عبدالله، قلعه سيف الله ۽ زيارت ۾ برساتي ٻوڏ سبب باغن ۽ فصلن کي نقصان پهتو، چئني ضلعن ۾ ڪيترائي ڪلو ميٽر روڊ، پل ۽ ڪيترائي گهر وهڪرن ۾ لڙهي ويا، هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو. حڪومت ڪنٽرول روم موجب، قلعه عبدالله ۽ قلعه سيف الله ۾ سوين بي گهر ماڻهو کليل آسميان هيٺ ويٺل آهن. چمن ۾ شيلا باغ جي تاريخي ريلوي ٽنل تباهه ٿي وئي جڏهن ته پاڻي جي وهرڪن ۾ هرنائي ڪوئيٽا روڊ تي ٽريفڪ معطل آهي، نصير آباد، جهل مگسي ۽ بولان جو زميني رابطو به ڪٽجي ويو. ربي ڪينال کي گهارو لڳڻ سبب ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا، جڏهن ته سنڌ بلوچستان سرحد تي ليويز چيڪ پوسٽ به پاڻي جي وهڪري ۾ لڙهي وئي. حب ڊيم اسپيل وي مان پاڻي ڇوڙ ٿيڻ سبب احتياطي اپائن ڪري ضلعي انتظاميا حب ندي ڪاز وي ٽريفڪ جي اچ وڃ لاءِ بند ڪري ڇڏيو، پريشاني کان بچڻ لاءِ ماڻهو اولهه باءِ پاس جو روٽ استعمال ڪن………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
30.3 ° C
30.3 °
30.3 °
35 %
2.5kmh
11 %
سُومر
30 °
اڱارو
34 °
اربع
35 °
خميس
34 °
جمعو
30 °

تازه ترين خبرون