- Advertisement -
پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ لاءِ افغان ڌرتي استعمال ڪرڻ جا ترديد نه ٿيڻ جوڳا ثبوت هڪ ڀيرو ٻيهر سامهون اچي ويا، افغان عبوري حڪومت اقتدار ۾ ايندي ئي افغان ڌرتي عالمي دهشتگردن جو ٿاڪ بڻجي وئي.
افغان عبوري حڪومت طرفان خارجي دهشتگردن جي پٺڀرائي سان عالمي ۽ خاص طور خطي جي امن کي خطرو آهي.
افغان ڌرتي تي نور ولي ۽ مزاحم محسود جي موجودگيءَ جا پڪا ثبوت سامهون اچي ويا، جڏهن ته ٻنهي دهشتگردن جي افغانستان ۾ رهائش لاءِ افغان سرڪاري اسپيشل پرمٽ سامهون اچي وئي.
نور ولي محسود کي گاڏي ۽ هٿيارن سميت سرڪاري افغان ڪارڊ جاري ڪيو ويو آهي.
دستاويزن موجب، نور ولي کي فيلڊر 2005 ماڊل گاڏي به ڏني وئي آهي جڏهن ته نور ولي کي سرڪاري افغان ڪارڊ موجب ٻه بندوقون رکڻ جي اجازت آهي، نور ولي کي هڪ ڪلاشنڪوف نمبر 91442 ۽ ٻي روسي ڪلاشنڪوف رکڻ جي به اجازت آهي.
مزاحم محسود جو افغان عبوري حڪومت پاران جاري ڪيل هٿيارن ۽ گاڏين جي پرمٽ به سامهون آئي آهي، مزاحم مسحود جي اسپيشل پرمٽ 22 جنوري 2024 تي جاري ڪئي وئي، مفتي مزاحم کي جاري ڪيل پرمٽ ڪابل ۽ افغانستان جي ڏکڻ اوڀر واري علائقي ۾ عمل جوڳي آهي.
پاڪستان حڪومت طرفان ڪيترائي ڀيرا افغان عبوري حڪومت کي فتنه الخوارج جي موجودگي جا ترديد نه ٿيڻ جوڳا ثبوت فراهم ڪيا ويا ۽ افغان عبوري حڪومت به افغانستان ۾ فتنا الخوارج جي موجودگي کان چڱيءَ ريت واقف آهي- Advertisement -
