- Advertisement -
بلوچستان جي علائقي آوران ۾ 6 ٻارڙا نديءَ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويا.
افسوسناڪ واقعو جل جهائو تعلقي ۾ پيش آيو، جتي 6 ٻارڙا گرميءَ جي شدت گهٽائڻ لاءِ سرمستاني بٽ نديءَ ۾ وهنجڻ لاءِ لٿا.
نديءَ ۾ لهندي ئي ڇهه ئي ٻارڙا ٻڏي فوت ٿي ويا، سندن تعلق هڪ ئي خاندان سان هو.
اطلاع ملڻ تي ليوز اهلڪارن ۽ مقامي ماڻهن ٻارن کي ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو، جتي سندن فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي.
فوتي ٻارڙن جي عمر 5 کان 9 ورهين جي وچ ۾ آهي.
معصوم ٻارڙن جا مڙهه گهر آڻڻ تي ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته واقعي بعد علائقي ۾ سوڳ ڇانيل آهي- Advertisement -
